اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ گهرا دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جي صلاحيت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. هن اها ڳالهه اردن جي عهدو ڇڏيندڙ سفير نواف خليفه صريرا سان الوداعي ملاقات ۾ ڪيو. صدر چيو ته اردن جو شاهه حسين پاڪستان ۾ انتهائي مقبول شخصيت هو ۽ کيس پاڪستان ۾ احترام، محبت ۽ عظيم دوست جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. هن چيو ته شاهه عبدالله به ان جي ئي نقش قدم تي هلندي ٻنهي ملڪن جي دوستي کي اڳتي وڌائي رهيو آهي.