نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي ڪرپشن وڌي وڻ ٿي وئي آهي: چوڌري فواد حسين

image
APP89-21 JHELUM: March 21 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain addressing a ceremony in connection with International Day of Forests. APP

اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف علي زرداري ڪرپشن جي فصل کي ايترو پاڻي ڏنو آهي جو اها هاڻي ڪرپشن سنگلاخ وڻ جو روپ اختيار ڪري وئي آهي، نواز شريف 300 ارب رپين جي ڪرپشن سان جيل ۾ آهي جڏهن ته آصف علي زرداري به جلد ايتري ئي 300 ارب رپين جي ڪرپشن جي ڪيس ۾ جيل ۾ هوندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير جهلم ۾ ٻيلن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ”پلانٽ فار پنجاب“ تحت وڻڪاري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo
متعلقہ مضامین
مزید خبریں