حڪومت ملڪ جي خراب ٿيندڙ معيشت کي سنڀاليو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

image
APP43-20 ISLAMABAD: August 20 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan addressing a press conference. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ جي خراب ٿيندڙ معيشت کي سنڀاليو، گذريل سال پاڪستان جي استحڪام جو سال هو جڏهن ته هلندڙ سال پاڪستان جي تعمير جو سال هوندو، ڪشمير پاڪستان جو دفاعي دائرو آهي، ميڊيا ڀارتي ڏاڍ جي خلاف تسلسل سان آواز بلند ڪرڻ جو سلسلو جاري رکي، مظلوم ڪشميرين جي جنگ عالمي فورمن تي موثر انداز سان وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم ڪابينا کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڪشمير بابت پنهنجي ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو، دفاعي پاليسين جي تسلسل جي لاءِ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ 13 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.

مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável
متعلقہ مضامین
مزید خبریں