اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ ايندڙ نگران وزيراعظم جي حوالي سان اتفاق راءِ ٿي ويو آهي جنهن موجب جسٽس (ر) ناصرالملڪ ايندڙ نگران وزيراعظم هوندو. پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چ??و ته ا?? پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو اهم ڏينهن آهي ڇو ته ??يندڙ عبوري وزيراعظم جي نالي تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي.