اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خيرات جو عالمي ڏينھن خميس 5 سيپٽمبر تي ملھايو ويندو. ھر س??ل سڄي دنيا ۾ خيرات ۽ عطيي سان ماڻھن جون حياتيون بچائڻ ۽ بھتري آڻڻ، بيمارين خلاف جھاد، ٻارن جي تحفظ ۽ ھزارين ماڻھن کي اميد ڏيڻ ۾ مدد ملندي آھي. عطيي جي اھمي?? کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن 2012ع ۾ اھو ڏينھن عالمي سطح تي ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ھو جنھن بعد ھر س??ل باقاعدگي سان اھو ڏينھن ملھايو ويندو آھي. ھن ڏينھن کي 5 سيپٽمبر تي ملھائڻ جو ھڪ ??قص?? اهو به آهي ته اهو مڌر ٽريسا جو 5 سپٽمبر تي وفات جو ڏينھن پڻ آھي. جنھن پنھنجي سڄي ڄمار خير جي ڪمن لاءِ وقف ڪئي ھئي. ھن ڏينھن کي ملھائڻ جو ??قص?? مختلف خيراتي ڪمن کي اجاگر ڪرڻ آھي. عالمي ڏينھن جي موقعي تي مختلف تقريبون منعقد ٿيڻ ذريعي خيراتي ڪمن کي اجاگر ڪرڻ ۽ وڌ کان وڌ ماڻھن کي شام?? ڪرڻ جي ترغيب ۽ آگاھي سميت سڄي دنيا ۾ خيراتي ڪمن جي مسئلن کي نمايا ڪيو ويندو آھي ته جيئن اسرندڙ ملڪن ۾ غر??ت جي خاتمي لاءِ ھنن ڪمن کي وڌ کان وڌ هٿي ڏئي سگهجي. ھڪ تحقيق مطابق هر ملڪ خاص ڪري اثرندڙ ملڪن کي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي صورتحال سبب غر??ت جھڙين چيلنجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي. اھو ئي سبب آھي ته گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ويو آھي ته اهي خيراتي تنظيمن ۽ ماڻھن جي ڪوششن ۾ پنھنجو حصو وجھن ته جيئن غر??ت جي عالمي مسئلن کي منھن ڏنو وڃي.