اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ دهشتگرد?? جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي صوبي جو امن خ??اب ڪرڻ ۽ ترقي جو سفر متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آواران، ڊيره بگٽي ۽ ڪيچ ۾ دهشتگرد?? جي خلاف ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ مختلف ??اررواين ۾ 4 دهشتگردن کي بهادري سان جهنم واصل ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن کي بلوچستان جو امن خ??اب ڪرڻ، ترقي جو سفر متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين ۽ ملڪ دشمن عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي جي خلاف فورسز جون ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن. صدر دهشتگردي جي خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي قومي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.