اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي پارلياماني ا??يم??لي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل اسلام آباد پڌرنامي جي ڊرافٽ جي متقفه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀرپور مذمت ڪئي وئي. پڌرنامي ۾ فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي. اهو پڌرنامو ڪانفرنس جي پڄاڻي تي جاري ڪيو ويندو. افغانستان ۽ ترڪيءَ جي تجويز تي قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر اسد قيصر کي ٻي PAECO جنرل ڪائونسل جو متفقه طور تي صدر چونڊيو ويو.