اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت 4 سيڪڙو جي شرح سان وڌي رهي آهي، پاڪستان ڪورونا جي خلاف موثر قدمن سان ڪاميابي حاصل ڪئي، ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح 4 سيڪڙو کا?? گهٽ آهي، پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ جا بي پناهه موق??ا موجود آهن، اها ڳالهه هن اقتصادي تعاون تنظي?? جي پارلياماني اسيمبلي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي.