اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان کي فضائي آلودگي کان پاڪ ڪرڻ ۽ شهرين کي رهڻ لاءِ صحت مند ماحول فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪلين گرين پروجيڪٽ ۽ بلين ٽريز سونامي جهڙا منصوبا ماحولياتي آلودگي کي روڪڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا، پاڪستان جي ??اءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ??يزباني ڪري رهيو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ اسپيڪر اسد قيصر چيو ته عالمي دنيا جو اعتراف آهي ته پاڪستان ماحو?? کي بهتر ڪرڻ لاءِ بهترين قدم کنيا آهن، فضائي آلودگي هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ق??مي صوبائي ۽ مقامي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جي ??يمبرن ۽ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهيمت رکندڙ آهي، اسپيڪر چيو ته ڇو ته اهي پاليسي ساز آهن ۽ اهي ئي عملدرآمد جي سطح تي پاليسين ج?? جاچ پڙتال ڪن ٿا، پائيدار ترق?? جا هدف (ايس ڊي جيز) جو دسخطي هجڻ جي ??اطي پاڪستان کي آلودگي کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي، پشاور ۽ ڪراچي جهڙن پاڪستان جي ??ڏن شهرن کي هر سال ڌنڌ درپيش هوندي آهي، جيڪو ناقص هوا جي ??عيار ۽ فضائي آلودگي ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، موجوده حڪومت ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ۽ بلين سونامي ٽريز منصوبي کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي.