لسٻيلا / اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان جي ترقي جي لاءِ هڪ هزار ارب رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون، ماضي جا حڪمران بلوچستان بدران لنڊن وڌيڪ ويندا رهيا، بلوچستان جي پنهنجي اڳواڻن به صوبي جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، بلوچستان ترقي جي ڊوڙ ۾ ملڪ جي ٻين علائقن کان پٺتي رهجي ويو ان لاءِ صوبي تي وڌيڪ ڌيان آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سون مياڻي ساحل تي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ??وٽ?? لڳائيندڙ ??ار??نن ۽ مقامي ماڻهن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پ??ڪس??ان جا سامونڊي علائقا ??ما?? گهڻا خوبصورت آهن جتي سياحتي جايون ٺاهي سگهجن ٿيون، هيستائين پ??ڪس??ان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ سمورو ڌيان جابلو علائقن تي ڏنو ويو، لسٻيلا ۾ سياحت جي فروغ جا وسيع موقعا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته پ??ڪس??ان ۾ مسلمان ملڪن جي سياحن کي راغب ڪرڻ جا ??ما?? گهڻا موقعا آهن، پ??ڪس??ان الله تعاليٰ پاران ??ما?? وڏو تحفو آهي، بدقسمتي سان اسان ان تحفي جو قدر نه ڪيو، حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ته ماڻهن جي زندگي بهتر ڪئي وڃي، ماضي جا حڪمران بلوچستان بدران لنڊن وڌيڪ ويندا رهيا، بلوچستان جي پنهنجي اڳواڻن به صوبي جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو. وزيراعظم چيو ته سامونڊي علائقن ۾ مينگروز جا ٻيلا چنئوڻ تي وڌيڪ صحت جي لاءِ هاڃيڪار ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا. هن چيو ته موسمياتي ماهرن جي تازي رپورٽ موجب عالمي گرمي پد ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، عالمي گرمي پد ۾ اضافي سان مختلف ملڪن ۾ باهيون لڳڻ، ٻوڏن سميت قدرتي آفتون درپيش آهن.