اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اعليٰ سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي جاچڻ ??ي معمول جي جائزن ک??ن هٽي ڪري انهن جي حقيقي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي رهيا آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطحي اختياراتي بورڊ پنهنجي اجلاس ۾ گريڊ 21 کان 22 جي لاءِ سرڪاري آفيسرن جي ترقي جا فيصلا ڪندو آهي. هن چيو ته ان بورڊ جو اجلاس ٻن مهينن لاءِ ملتوي ڪيو وي?? آهي ڇو ته هو ڪارڪردگي ??ي معمول جي جائزن ک??ن هٽي ڪري انهن آفيسرن جي حقيقي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي رهيو آهي.