اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽ??م جو پاڪستان جو دؤرو ملتوي ٿيڻ هڪ سازش آهي، ??وب?? سيڪيورٽي ٿريٽ نه هو، نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽ??م کي اسان جي سيڪيورٽي ادارن فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي.
گهرو وزارت جي ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چي?? ته پاڪستان جي سمورن سيڪيورٽي ادارن بشمول ايس ايس جي ۽ 4 هزار پوليس اهلڪارن سيڪيورٽي فراهم ڪئي ۽ اسان جي ادارن وٽ ڪنهن به قسم جي سيڪيورٽي ٿريٽ جو اطلاع نه هو جنهن جو ذڪر نيوزيلينڊ جي سيڪيورٽي انچارج طرفان ڪيو ويو. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان دوشنبي ۾ هڪ اهم پرڏيهي اجلاس ۾ هو جنهن کي ان صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو جنهن تي وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ کيس ڪرڪيٽ ٽ??م کي هر ممڪن سيڪيورٽي جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ کيس ٻُ??اي?? ته پاڪستان ۾ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽ??م کي ??وب?? خطرو ناهي،
جڏهن ته پاڪستان جي سيڪيورٽي قدمن تي اطمينان جو به اظهار ڪيو ويو هو. نيوزيلينڊ جي هڪ سيڪيورٽي ٽيم به پاڪستان آئي هئي جنهن پاڪستان جي سيڪيورٽي قدمن کي تسلي بخش قرار ڏنو هو ۽ ان کان به اسان کي ڪنهن به قسم جي ٿريٽ ڪال جو ڪو ثبوت ناهي مليو. ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهي آهي پر پاڪستاني قوم قومي سلامتيءَ جي مسئلي تي هڪ پيج تي آهي ۽ عمران خان جي قيادت ۾ متحد آهي.
گهرو وزير چي?? ته پاڪستان طرفان نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽ??م کي اسٽيڊيم ۾ بنا تماشائين جي ميچ کيڏڻ جي به آڇ ڪئي وئي پر انهن ڪابه ڳالهه نه مڃي. گهرو وزير چي?? ته اهڙي موقعي تي جڏهن پاڪستان دنيا ۾ امن جو سڀ کان وڏو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ دهشتگرديءَ خلاف ڀرپور قسم جو عزم رکي ٿو، اهڙي وقت ۾ هڪ سازش تحت نيوزيلينڊ جي ان دؤري کي ملتوي ڪيو ويو. هن چي?? ته اسان جي نيشنل ڪرائيسز مئنجمينٽ سيل به تمام بهترين ڪم ڪيو ۽ ٻُ??اي?? ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو سيڪيورٽي ٿريٽ جو ڪو اطلاع ناهي. هن چي?? ته اسان جو ملڪ هڪ ذميوار آهي ۽ اسان چاهيون ??ا ته هتي ڪرڪيٽ کيڏي وڃي. وزيراعظم عمران خان هڪ رانديگر طور ورلڊ ڪپ کٽيو جيڪو اسان لاءِ اعزاز آهي.
هن چي?? ته ان سازش جي پٺيان لِڪل هٿ ضرور ظاهر ٿيندا. گهرو وزير چي?? ته اسان افغان امن جا حامي آهيون، اسان جون سموريون سرحدون محفوظ آهن، ڪجهه ڳُجها هٿ پاڪستان کي قربانيءَ جو ٻڪر بڻائڻ چاهين ٿا ۽ چاهين ??ا ته خونريزي ٿئي پر انهن جي خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. شيخ رشيد احمد چي?? ته پاڪستان جو اميج بهتر ٿيندو اسان افغان بارڊر کي محفوظ ڪيو آهي، ??وب?? پناهگير هاڻوڪن ڏنهن ۾ پاڪستان ناهي آيو ۽ پاڪستان ۾ ڪابه پناهگيرن ڪيمپ ناهي ڪئي وئي.