اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ????ام جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقررين ??طب?? ڏيندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته ??سلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين قبله اياز بهترين موضوع تي ??طب?? ڏنو آهي. مون ٻه سال اڳ ڪائونسل ک?? درخواست ڪئي هئي ته ??طيبن جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 52 سماجي موضوعن مثال طور سچائي، صدقو ۽ خيرات، همدردي وغيره شايع ڪيا وڃن، واضح رهي ته ??يوان صدر جي جامع مسجد مان پهرين ڀيرو جمعي جي نماز ۽ ??طب?? سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدرن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ??طب?? ڏنو. هن پنهنجي ??طب?? ۾ عبادت سان گڏوگڏ روزمره جي معاملن جي بهتري ۽ حسن اخلاق جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن ضرورتمندن ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ احساس همدردي ۽ رحمي تي ٻڌل روين کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ??نصاف ۽ ايثار مديني جي رياست جي بنيادي اصولن ۾ شمار ٿيندا هئا، اڄ جي معاشري ۾ به ان کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي ته ??يئن اسان دنيا ۾ باوقار ۽ محترم قوم بڻجي سگهون، ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.