ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي ??ورنر عمران اسماعيل سان ڪراچي پريس ڪلب (ڪي پي سي) جي نئين چونڊيل باڊي گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي ۾ صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري رضوان ڀٽي، نائب صدر رش??د ميمڻ، ٽريزور وحيد راڄپر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري اسلم خان شامل هئا جڏهن ته گورننگ باڊي جي ميمبرن ۾ خليل ناصر، فاروق سميع، لياقت مغل، اطهر حسين، مونا خان، شازيه حسن ۽ نبيل اختر شامل هئا. ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي ??ورنر عمران اسماعيل ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ تسلسل ۽ اسلامي فلاحي معاشري جي قيام ۾ صحافتي برادري جي ??ردار ۽ اهميت تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ صحافين پيشيواراڻي ذميوارين جي دوران ايندڙ مشڪلاتن کان صدر ۽ گورنر سنڌ کي آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جمهوريت جي قيام ۾ صحافي برادري جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ڊاڪٽر عارف علوي صحافين کي درپيش مسئلن جي حل جي خاطري پڻ ڪرائي. سنڌ جي ??ورنر عمران اسماعيل چيو ته صحافين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ موجوده حڪومت ??دم کڻي رهي آهي. سنڌ جي ??ورنر وڌيڪ چيو ته معاشرتي ب??اي?? جي خاتمي لاءِ صحافي برادري جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي.