اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اسلامو فو??يا جي خلاف عالمي فورمن تي آواز اٿارڻ جا اثر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پڻ ان جي مذمت ڪئي آهي. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسلامو فو??يا جي خلاف وزيراعظم پاران عالمي فورمن تي آواز اٿارڻ جا مثبت اثر سامهون اچي رهيا آهن، ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو به ان جي مذمت ڪئي آهي. فرخ حبيب چيو ته ڪينيڊين وزيراعظم اسلامو فو??يا جي خاتمي لاءِ خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ جو ارادو ڪ??و آهي. مملڪتي وزير چيو ته ان کان اڳ روس جو صدر پيوٽن پڻ اسلامو فو??يا کي راءِ جي آزادي چوڻ غلط قرار ڏئي چڪو آهي.