اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، پاڪستان روس سان بهترين ۽ سمورن ملڪن سان ??اپاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي، اسان چاهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، طاقت جي بدران ڳالهين سان ??سئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، اسرندڙ ملڪن جو پئسو واپس ڪرڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ مني لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آهي، جيستائين توهان ??نهنجي غلطين مان ن?? ٿا سکو اڳتي نه ٿا وڌي سگهو. اهڙن خيالن جو اظهار هن روسي ٽي وي آر ٽي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. وزيراعظم عم??ان خان چيو ته ا??سان سدائين خدا جي ڳولا ۾ رهي ٿو، ٻين انسانن جي بهتري لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آهي، انسان کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته ماحولياتي آلودگي هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، ان جي ڪري دنيا متاثر ٿي رهي آهي، پاڪستان ??احولياتي آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ مني لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آهي، حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ پئسي جي منتقلي سان اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، حڪمرانن جي ڪرپشن سان ادارا تباهه ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته مني لانڊرنگ ۽ غيرمنصفاڻي ورڇ سان غربت ۾ اضافو ٿئي ٿو، ملڪ جو پئسو ٻاهر منتقل ڪرڻ تباهي جي برابر آهي. هن زور ڏنو ته ا?? سلسلي ۾ اسرندڙ ملڪن جو پئسو واپس ڪرڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ سرد جنگ پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو، جڏهن ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، البته هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان آمريڪي گروپ جو حصو هو. هڪ ٻ??ي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان سمورن ملڪن سان ??اپاري لاڳاپا چاهيون ٿا، افغان ??ناهگيرن کي پاڪستان ??ناهه ڏني، ٻاهرئين امداد هڪ لعنت آهي، ان جي لاءِ ملڪن کي غلط فيصلا ڪرڻا پون ٿا، جيستائين توهان ??نهنجي غلطين مان ن?? ٿا سکو اڳتي نه ٿا وڌي سگهو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري پوري دنيا جي معيشت کي جهٽڪو لڳو آهي. وزيراعظم عم??ان خان چيو ته اسان چاهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، آئون طاقت بدران ڳالهين سان ??سئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان. پنهنجي روس جي دوري جي ڏس ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان روس سان بهترين لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي ماڻهن کي غربت مان ??اهر ڪڍڻ جي لاءِ قدم کڻي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ڀارت کي ڳالهين جي دعوت ڏني، ڀارت ۾ فاشسٽ نظريا رکندڙ پارٽي جي حڪومت آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ا??ران ??ٿان ??ابنديون ختم ٿي وڃن، غربت جي خاتمي لاءِ اسان کي چين کان سکڻو پوندو، ٻين انسانن جي بهتري لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آهي.