اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان هڪ آز??د ۽ خودمختيار ملڪ آهي، پاڪستان جي حاڪميت ۽ سالميت تي ٺاهه نه ڪنداسين، عمران خان کي هٽائڻ لاءِ عالمي سازش تيار ڪئي وئي، آئيني طور تي حڪومت جي تبديلي ۾ ڪو به حرج نه آهي پر حڪومت جي تبديلي ۾ غير ملڪي سازش کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، مخال?? ڌر جا مُک اڳواڻ ان سازش جو حصو آهن، مخال?? ڌر ڌمڪي واري خط جا نڪتا ڏسڻ کان به انڪاري آهي، اسان اهو نتيجو ڪڍڻ تي مجبور آهيون ته عمران خان کي هٽائڻ جي عالمي سازش ۾ سياسي ڪردارن کانسواءِ ميڊيا جا ڪجهه ماڻهو به شامل آهن، عمران خان آخري بال تائين مقابلو ڪندڙ رانديگر آهي جيڪو پاڪستان جي خودمختياري ۽ سالميت جي جنگ وڙهي رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چ??و ته اڄ وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ڌمڪي واري خط جو جائزو ورتو ويو، ان حوالي سان ڪجهه فيصلا به ڪيا ويا، هن چ??و ته اهو قابل اعتراض خط آهي جيڪو پاڪستان جي حڪومت کي لکيو ويو جنهن ۾ واضح طور تي حڪومت تبديل ڪرڻ جو اشارو ۽ ڌمڪي ڏني وئي. هن چ??و ته خط نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ به بحث هيٺ آندو ويو، ان کانپوءِ پارليامينٽ جي سيڪيورٽي ڪميٽي جو ان ڪئميرا اجلاس طلب ڪيو ويو، وزيراعظم اڄ رات ان حوالي سان قوم کي به خطاب ڪندو، سڀاڻي ان تي وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي جنهن جي باري ۾ ميڊيا کي آگاهه ڪنداسين. هن چ??و ته پاڪستان هڪ آز??د ۽ خودمختيار ملڪ آهي، آئيني طور تي حڪومت جي تبديلي ٿئي ته ان ۾ ڪو به هرج نه آهي پر جهڙي طريقي سان هتي تبديلي تي زور ڏنو ويو ان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، هن چ??و ته اسان پارلياماني اڳواڻ ۽ مخال?? ڌر اڳواڻ کي به گهرا??و ته جيئن اهي ثبوت ڏسن پر مخال?? ڌر اهي ثبوت ڏسڻ کان انڪاري آهي، هن چ??و ته مخال?? ڌر جا ڪجهه مک اڳواڻ ان سازش ۾ پوري طرح ملوث آهن جيڪي ٻاهرين طاقتن کان ڊڪٽيشن وٺي رهيا آهن، انهن جو بنيادي مقصد عمران خان کي هٽائڻ آهي. هن چ??و ته مخال?? ڌر جا اڳواڻ پنهنجي اکين سان اهي ثبوت ڏسي سگهن ٿا پر اهي هي ثبوت ڏسڻ کان ئي انڪاري آهن، ان مان اهو ئي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته مخال?? ڌر اڳواڻ ان سازش ۾ پوري طرح ملوث آهن. هن چ??و ته ان سازش ۾ مخال?? ڌر جا سمورا ماڻهو شامل نه آهن، پي ٽي آءِ جي ناراض اڳواڻن کي به چوڻ چاهيان ٿو ته اهي پنهنجا فيصلا هولڊ ڪن، نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اچن ۽ پاڻ اهي ??ست??ويز ڏسن جنهن جي بنياد تي اسان اهو چئي سگهون ٿا ته وزيراعظم عمران خان کي هٽائن جي سازش هڪ عالمي سازش آهي ۽ ان ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ملوث آهي. هن چ??و ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا هن??ست??ن ۽ اسرائيل جي سفارتخانن سان رابطا ڪنهن کان لڪل نه آهن، ان کانسواءِ پاڪستان جي ميڊيا جا ڪجهه سينئر ماڻهو به انهي سازش ۾ شامل آهن، هن چ??و ته ان سازش جو آغاز نواز شريف جي اپارٽمينٽ مان ٿيو آهي، چوڌري فواد حسين چ??و ته عمران خان آخري بال تائين وڙهندڙ رانديگر آهن، هو قطئي طور تي استعيفا نه ڏيندو، عمران خان پاڪستان جي خودمختياري ۽ سالميت جي جنگ وڙهي رهيو آهي، هن چ??و ته ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ عمران خان جي دور ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاد ٿي آهي، جڏهن هن??ست??ن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني آئي ته ان وقت جي مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن ڪردارن جو تعاون نه هجي ها ته هو هن??ست??ن کي غلام نه بڻائي سگهي ها. اڄ به اهو ئي ٿي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهو عمران خان کي هٽائڻ جي عالمي سازش ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته پاڪستان جي عوام ان سازش کي ڏسي رهي آهي، اسان قطئي طور تي پاڪستان جي حاڪميت تي ٺاهه نه ڪنداسين، اسان پاڪستان جي حاڪميت، پاڪستان جي مانهن جي وقار ۽ پنهنجي پاسپورٽ جي عزت لاءِ شيهي جي ديوار وانگر بيـٺل رهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته مخال?? ڌر اچي ۽ ثبوت ڏسي، ان کانپوءِ ڪنهن جي دل ۾ ڪو سوال آهي ته اهو پڇي، ان سڄي صورتحال کانپوءِ مخال?? ڌر کي غيرت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته بي اعتمادي رٿ جي حيثيت نه آهي، اصل معاملو اهو آهي ته پاڪستان جي عوام ڇا چاهي ٿي ۽ هو ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي، هن چ??و ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ عسڪري قيادت موجود هئي، اجلاس ج?? حوالي سان پڌرنامو جاري ٿي ويندو.