اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمو?? قريشي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ بي اعتمادي رٿ کي بنا ووٽنگ جي رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ورتل نوٽيس ڪيس کي ٻڌي رهي آهي، فل ڪورٽ جوڙڻ جو معاملو چيف جسٽس جو اختيار آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمو?? قريشي چيو ته مخ??لف ڌر جي ڪجهه ميمبرن اعتراض ڪيو ته کين فل ڪورٽ بينچ گهرجي، اهو چيف جسٽس جو اختيار آهي ته فل ڪورٽ جوڙڻي آهي يا نه، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو پنج رڪني بينچ عدم اعتماد کي بنا ووٽنگ رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال تي ورتل نوٽيس ڪيس کي ٻڌي رهي آهي ته سپريم ڪورٽ ان ڪيس کي تفصيل سان ٻڌڻ چاهي ٿي، مخ??لف ڌر کي عدليه جو احترام نظر ۾ رکڻ گهرجي. جهانگير ترين ۽ عليم خان بابت پڇيل سو??ل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن بابت ڪجهه نٿو چوڻ چاهيان، ڌمڪي واري خط بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ شاهه محمو?? قريشي چيو ته اهو حساس معاملو آهي هن وقت ڳالهه ڪر?? مناسب نه آهي، جلد ان بابت ??ه ٻڌايو ويندو.