اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 22 اپريل تي پنجگور ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر شاهد بشير جي والده سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد کي عظيم قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب صدر سان ڳالهائيندي شهيد جي والده چيو ته وط?? جي خاطر هڪ ٻيو پٽ به شهادت لاءِ موڪلڻ چاهيان ٿي. صدر عارف علوي 22 اپريل تي اتر وزيرستان ۾ سرحد پار حملي جي شهيد?? جي پوئينرن سان به تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر حوالدار تيمور، سپاهي ثاقب نواز ۽ نائيڪ محمد شعيب جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر شهيد?? جي قربانين کي خراج عقيدت ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيد?? جي بلند درجن، وارثن کي پيار?? جي جدائي جو ڏک برداشت ڪرڻ جي همت لاءِ به دعا ڪئي.