لاهور – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ دليل سان ڳالهه ڪرڻ ۾ ئي اس??ن جي بقا آهي، جيڪو به استعيفا ڏيندو سامهون ويهاري ان کان استعيفا لکرائي ويندي ۽ اهو به پڇيو ويندو ته توهان تي ڪو دٻاءُ تي نه آهي، پارليامينٽ جا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، جلد چونڊن جا معاملا اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت کي ڏسڻا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ پنجاب جي پيپلزپارٽي سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ڪيو. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري سيد حسن مرتضيٰ، انفارميشن سيڪريٽري شهزاد سعيد چيمه، چوڌري اسلم گل، ڊاڪٽر خيام حفيظ، افنان بٽ، انجم بٽ، ملڪ جمشيد شهباز ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پيپلزپارٽي جي وفد سان داتا درٻار ۽ مزار اقبال به ويو ۽ اتي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام جي دعا ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته هڪ آئيني ذميداري پوري ڪرڻ لاهور آيو هئس، خوش اسلوبي سان پنجاب جي وڏي وزير جو حلف ٿي ويو، مون کي ??قي?? آهي ته قوم آئين پاڪست??ن جي حفاظت ڪندي، اسان کي اخلاقيات جي اندر رهي هلڻ گهرجي ۽ سڀني کي گڏجي پاڪستان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ ۽ آئين جي تقدس کي بحال رکڻ سڀني جي ذميداري آهي جيڪو آئي?? سان گڏ نٿو هلي ا?? سان مُشڪلاتُون پيدا ٿينديون آهن، هر هڪ کي آئين پاڪست??ن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، آئون هن وقت اسپيڪر آهيان ۽ اسپيڪر سموري هائوس جو اسپيڪر هوندو آهي، هن چيو ته جيڪي استعيفائون مون وٽ آيون آهن ۽ جن استعيفائن تي شڪ آهي انهن کي ٻيهر چيڪ ڪرڻ چاهيان ٿو، آئين پاڪستان ۾ ئي اس??ن جي ڀلائي آهي، آئي?? سان گڏ بيهڻو پوندو، ??قي?? آهي ته پاڪستاني قوم آئين پاڪستان ۽ سمورن ادار?? سان گڏ بيهندي، هن چيو ته آئين پاڪستان ۽ پارليامينٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ اسان سڀني جو فرض آهي، 73ع جي آئين تي عمل وقت جي ضرورت آهي، اسپيڪر جي حيثيت سان پنهنجون ذميداريون ۽ پارلياماني نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندس، مون سميت سڀني ماڻهن کي آئين تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.