اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان جمعيت علماءِ ??سلام (ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??مورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۾ پن??نج?? پن??نج?? ڪردار ادا ڪنديون.