اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پشاور ۾ سک برادري سان تعلق رکندڙ ٻن پاڪستانين جي قتل جي سخت مذمت ڪندي هدايت ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير صوبي ۾ شهرين خاص طور تي غيرمسلمان پاڪستانين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي، رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چ??و ته ان دهشتگردي جي پٺيان پاڪستان دشمني آهي، اهڙن دشمنن کي ختم صفحه هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. وزير??عظ?? شهباز شريف رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چ??و ته مت??ثر خاندانن کي يقين ڏياريون ٿا ته قاتلن جي گرفتاري ۾ وفاقي حڪومت مڪمل تعاون ڪندي.