اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 مئي تي اتر وزيرستان ۾ خودڪش حملي جي شهيدن جي وارثن سا?? ٽيليفونڪ رابطو ڪ??و ۽ ملڪ تي جان نڇاور ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر سپاهي قاسم مقصود، سپاهي ع??يز ۽ لانس حوالدار زبير قادر جي وارثن سا?? ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر فوجي جوانن جي شهادت تي وارثن سا?? تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 26 اپر??ل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي محمد سراج الدين جي وارثن سا?? به ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن شهيدن جي وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي، صدر شهيدن جي ع??يم قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو.