اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي لاءِ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ تمغا حاصل ڪندڙ ر??ند??گرن اسان جا ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏي?? ۽ ??المي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو سربلند ڪري ڇڏيو، وطن واپسي تي انهن ??ان ملاقات ڪري انهن ??ي حوصلا افزائي ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته نوح بٽ ۽ ارشد نديم سوني، شريف طاهر، زمان انور ۽ انعام بٽ چ??ند??، شاهه حسين، علي اسد ۽ عنايت الله ڪامن ويلٿ گيمز ۾ تانبي جا تمغنا کٽي مون سميت سمورن پاڪستانين جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۾ اضافو ڪيو آهي. توهان پوري قوم جو فخر آهيو. وزيراعظم چيو ته هو انهن ??مورن ايٿليٽس سان وطن واپسي تي ملاقات ڪري انهن ??ي حوصلا افزائي ڪندو. ان کانسواءِ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ شريڪ ٻيا پاڪستاني ايٿيليٽس پڻ فخر جوڳا آهن ??يڪي محنت ۽ لڳاءُ سان پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته فتح ۽ هار راند جو حصو آهي، حوصلو نه هاريو، محنت جاري رکو.