فيصل آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي علماءِ مشائخ ونگ پنجاب جي صوبائي جنرل سيڪريٽري حا??ظ محمد امجد چيو آهي ته پاڪستان توکي سلام ڇو ته اسان جو وج??د توسان آهي، اسان جي شان توسان آهي، اسان جي سڃاڻپ، اسان جي ت??قي، اسان جو اهو نالو ۽ اسان جون اهي ڪاميابيون تنهنجي نالي سان ئي آهن ان لاءِ 14 آگسٽ جو ڏينهن محبت پکيڙڻ ۽ هڪ ڏينهن ٿي وڃڻ جو ڏينهن آهي. ان موقعي تي هن چيو ته جيستائين ملڪ کي ڪرپشن فري نه بڻايو ويندو ان وقت تائين اسان جا مسئلا حل نه ٿا ٿي سگهن، ملڪ کي ڪرپشن فري بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.