اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان امدادي اڏامن جي آمد جاري آهي، هيستائين 123 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پهچي ويون آهن. پرڏيهي ??في?? پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هيستائين گڏيل عرب امارات مان 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان هلائڻ واريون 13 اڏامون، ترڪمانستان مان هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 8، روس جي هڪ، يونان جي هڪ ۽ سعودي عرب جون 5 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان ٻين رستين ذريعي به امدادي سامان پهتو آهي. ايران جي حلال احمر ??اڪستان کي ٽرڪن ??ريعي 100 ٽن امدادي سامان موڪليو آهي، جڏهن ته ان کانسواءِ ترڪيه 3 ريل گاڏين جي ذريعي امدادي سامان پاڪستان موڪليو آهي. ان کانسواءِ ترڪيه جي حلال احمر 2 ٽرڪن ??ريعي امدادي سامان موڪليو آهي. تاجڪستان 87 ٽرڪن ??ريعي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان موڪليو آهي. عمان مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هڪ ??امونڊي جهاز به امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتو آهي.