اسلام ??با?? – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضا??يه طرفان سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جون ڪارروايون جاري آهن، فضا??يه اهلڪار ٻوڏ متاثرن جي ڀ??ائي، خوراڪ، رهائش، پيئڻ جي صاف پاڻي، طبي امداد ۽ بنيادي ضرورتن جي وقت سر فراهمي لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهن. ترجمان موجب پاڪ فضا??يه جي ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس فوري طور تي ٻوڏ متاثرن ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين جي شناخت ڪري رهيو آهن جنهن کانپوءِ کين مفتي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضا??يه 18458 تيار کاڌي کا پيڪيٽ، 1512 پاڻي جون بوتلون ۽ 2070 راشن پيڪٽس ضرورتمند خاندانن ۾ ورهايا، وڌيڪ مفت خوراڪ، رهائش جي فراهمي کانسواءِ فيلڊ اسپتالن ۾ مقرر پاڪ فضا??يه جون ميڊيڪل ٽيمون 1699 مريضن جو مفت علاج به ڪيو، پاڪ فضا??يه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون اڻٿڪ محنت سان ٻوڏ متاثر علائقن سميت راجن پور، مٽياري، مچي، بولاني، لاشاري، ناروا، گها??و، جاتي، ڪوڊاريو، حاجي پور، چوهڙ جمالي، ميرپورخاص، سنداد، بلو، جهل مگسي، بستي شير محمد، لاکڙا، سعيد ??با??، شهدادڪوٽ، صحب پور، بستي جاگير گبول، فاضل پور ۽ الله ورايو جمالي، نصير ??با??، جهل مگسي، جيڪب ??با??، سنڌڙي، سانگهڙ، ڳوٺ اسماعيل، ڪنڀار، سرگل، ڦلواري، دادو، شاهراه – ميان پوٽا، پشين، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، ٿل، سيوهڻ، نوابشاهه، سڪرنڊ، سکر، پير پٿو??و، اٺال، حيدر??با??، ميرپورخاص، تلهار، نواڪلي، گلستان ڪلي صالح ۽ ڪلي حبيب زئي ۾ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيون آهن.