تاجڪستان، ازبڪستان، ايران ۽ منگوليا جي صدرن پاران وزيراعظم شهباز شريف جي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ کي شنگهائي تعاون تنظيم پاران اٿارڻ جي تجويز جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت جو اعلان

image
APP05-160922 UZBEKISTAN: September 16 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif attends the close-format Council of Heads of States, Shanghai Cooperation Organization meeting at Congress Centre. APP

ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) تاجڪستان، ازبڪستان، ايران ۽ منگوليا جي صدرن وزيراعظم شهباز شريف جي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ کي شنگهائي تعاون تنظيم پاران اٿارڻ جي تجويز جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ايس سي او ۽ رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي هلندڙ اجلاس جي ميزباني ڪندي زور ڏنو ته وزيراعظم پاڪستان جي پيش ڪيل تجويز ايس سي او تنظيم جي سطح تي اٿارڻ گهرجي. ايس سي او جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان وزيراعظم شهباز شريف جي تجويز جي سڀ کان اڳ حمايت جو اعلان ڪيو آهي. ايس سي او مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي تازي اجلاس جي سربراهه تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان کانپوءِ تنظيم جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان، منگوليا ۽ ايران جي صدرن پڻ پاڪستان سان يڪجهتي ۽ حمايت جو اعلان ڪيو. تاجڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ايس سي او جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته تازي تاريخي ٻوڏ سان ٿيندڙ شديد تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان کي ڀرپور مدد ۽ حمايت فراهم ڪئي وڃي.

مضمون کا ماخذ : پھل اور سات
متعلقہ مضامین
مزید خبریں