اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ سياحتي ماڳن جي ف??وغ ۽ تعمير ۽ ترقي لاءِ حڪمت عملي ۽ منصوبابندي جي فوري آغاز جي هدايت ڪندي چي?? آهي ته ملڪ ۾ مختلف قسم جي سياحت جي ف??وغ سان معاشي عمل ۾ تيزي ايندي ۽ مقامي آبادين جي لاءِ نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا به ميسر ايندا. ان حوالي سان سرڪاري ملڪيتي عمارتن کي مثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ به کنيل قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ سياحت جي ف??وغ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ بحري معاملن واري وزير سيد علي حيدر زيدي، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم با??وه، سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار آصف محمود، صوبائي چي?? سيڪريٽريز ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.