اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ زراعت بابت لاڳاپيل ڪاروبار جي بهتري، زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان ۾ فارمن?? انڊسٽري جي فروغ لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بهتر فصل لاءِ وڌ کان وڌ ٽيڪنالاجيڪل حل اختيار ڪيا وڃن. هو ايوان صدر ۾ فوڊ سي??يورٽي ۽ زراعت ۾ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، نيشنل فوڊ سي??يورٽي وارو وزير سيد فخر امام، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فوا?? حسين، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام وارو سي??ريٽري، شعيب صديقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو سي??ريٽري ڪيپٽن (ر) نسيم نواز به شرڪت ڪئي، وفاقي وزير سيد فخر امام اجلاس کي وزارت طرفان زراعت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير چوڌري فوا?? حسين ٻڌايو ته سندس وزارت زرعي شعبي ۾ روايتي طريقن ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ مدد ڪندي، آءِ ٽي واري وزير اجلاس کي ٻڌايو ته سندس وزارت آبادگارن کي زرعي ڄاڻ جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ايپليڪيشن ٺاهيندي، ان موقعي تي زرعي شعبي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ انهن سمورين وزارتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ان موقعي تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ لاءِ روڊ ميپ جي تياري لاءِ قومي فوڊ سي??يورٽي واري وزارت قائداڻو ڪردار ادا ڪندي.