اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪشميري ۽ فلسطيني عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قربانيون ڏئي رهيا آهن، ??سان کي به امن قائم ڪرڻ جي لاءِ جانين جي قرباني ڏيڻي پئي ته نه ڪيٻائينداسين، ??المي برادري ڪشمير ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرڻ ضروري آهي، ڪشمير جي مسئلي کي ع??لمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ کي ان جو مرڪز بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن امن جي ع??لمي ڏهاڙي جي م??قعي تي ڪشمير ڪميٽي جي اهتمام هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.