اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي و??ري و??ارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ماحول کي آلوده ڪندڙ عنصر خارج ڪرڻ ۾ واضح گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، 10 بلين ٽري سونامي پروگرام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائيندي منصوبي تي عملدرآمد ۾ اسپارڪو کان سيٽلائيٽ جي ذريعي به مدد ورتي وڃي. هو موسمياتي تبديلين بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي و??ري وفاقي و??ير اسد عمر، توانائي و??ري وفاقي و??ير ع??ر ايوب، پاڻي و??يلن واري وفاقي و??ير فيصل واوڊا، پنجاب جي وڏي و??ير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏي و??ير محمود خان، بلوچستان جي وڏي و??ير ڄام ڪمال خان، وزيراعظم جي خاص معاون امين اسلم، مملڪتي و??ير زرتاج گل، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر ع??لدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گرين هائ??س گيسز جي تازي صورتحال ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي پروگرام تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي گرين هائ??س گئسن جي اخراج جي اضافي جي شرح معمول جي طئي ڪيل هيٺين سطح کان 9 سيڪڙو گهٽ آهي، جڏهن ته اها شرح قومي سطح تي مقرر ڪيل هدفن کان به هيٺ آهي. اها ماحول دوست تبديلي خيبرپختونخواهه ۾ بلين ٽري سونامي جي ڪامياب منصوبي ۽ سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي سونامي پروگرام جي ڪري حاصل ٿي آهي. وزيراعظم جي موسمياتي تبديلين واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ٻڌايو ته وڻ وڍڻ جي شرح ۾ نمايان طور تي گهٽتائي آئي آهي، 2012ع کان 2016ع جي دوران اها گهٽتائي ساليانو 12 هزار هيڪٽرز کان گهٽ ٿي 8 ??زار هيڪٽرز تي اچي و??ي آهي ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي جي ڪاميابي سان ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي سطح تي گرين هائ??س گيسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي.