اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ريلويز سياحت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ٽوئرسٽ سفاري ٽرين ان ڏس ۾ اهم قدم آهي. اهڙن خيال?? جو اطهار هن ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان ??وا??ي سان گڏ گولڙه ريلوي اسٽيشن تي سفاري ٽري?? جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو. ٽوئرسٽ سفاري ٽرين هر جمعي، ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن سياحن ??ي گولڙه اسٽين کان حسن ابدال، اٽڪ خورد ۽ اٽڪ سٽي ۽ ڀرپاسي جي جاين جي سير ڪرائيندي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٽوئرسٽ سفاري ٽرين حڪومت پاران مقامي سياحت جي فروغ لاءِ اهم قدم آهي، سفاري ٽري?? جو تصور سٺو آهي. تفريح ۽ سياحت جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ريلوي واري وزير سينيٽر اعظم ??وا??ي چيو ته تاريخي گولڙه ريلوي اسٽيشن تان ٽرين قديم روٽ تي هلندي جنهن سان پاڪستا?? جو ثقافتي ۽ تاريخي ورثو ڏسڻ لاءِ ملندو. هن چيو ته پاڪستان ريلوي هڪ قيمتي اثاثو آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ان ٽرين کي آندو ويندو. هن چيو ته ريلوي واري وفاقي وزير محمد اعظم خان ??وا??ي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سفاري ٽرين جي ڪري تاريخي ۽ ثقاف??ي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي، سياحت جي فروغ ۾ پاڪستان ريلوي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهڙا قدم کنيا ويندا جنهن سان نه رڳو اداري کي منافعو ڏيندڙ بڻايو ويندو پر پاڪستا?? جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. سينيٽر تاج محمد آفريدي، سينيٽر سجاد حسين طوري، مرزا محمد آفريدي، اورنگزيب اورڪزئي، نصيب الله بازئي، دلاور خان ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي ماڻهن کان??وا??ِ عوام جو وڏو انگ گولڙه ريلوي اسٽيشن تي موجود هو. سينيٽ چيئرمين، وفد جي ميمبرن ۽ ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان ??وا??ي ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو.