اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته عورت پارليامينٽ ميمبر پنهنجي تڪن جي مسئلن جي لاءِ عام طور ۽ عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ خاص طور تي موثر ڪردار ادا ڪ??ي ??هيون آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار قومي اس??مب??ي جي عورت ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن و??ير??عظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙ عورت ميمبرن ۾ عاصمه قدير ۽ غلام بي بي ڀروانه شامل هيون. ملاقات ۾ سياسي معاملن وارو خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر پڻ موجود هو. عاصمه قدير و??ير??عظم کي سسٽين ايبل هائوس هولڊ بابت منصوبي کان آگاهه ڪيو، منصوبي تحت ڪچن گارڊننگ ۽ ننڍي پئماني تي پولٽ??ي ??ي مدد سان نه رڳو وچولي خاندان جي گهر جون ضرورتون پوريون ٿي سگهنديون پر ان سان روزگار به ڪمائي سگهبو. ڄاڻايل منصوبو نه رڳو گهٽ کان گهٽ ڪاربن فٽ پرنٽ جي ڪري ماحول دوست آ??ي پر ڪنهن به گهر کي پنهنجي طور هڪ سسٽين ايبل يونٽ ٺاهڻ جي صلاحيت رکي ٿو.