اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته عوام ڪڏهن به ڪرپشن بچائڻ يا ذاتي مفادن جي لاءِ ٻاهر ناهي نڪرندي، پي ڊي ايم جي تحريڪ کي پذيرائي نه ملي سگهي، و??ير??عظم عمران خان مخالف ڌر جي دٻاءُ ۾ نه آيو ۽ نه ئي ايندو، ڪرپشن ج?? خلاف سفر ج??ري رهندو، و??ير??عظم يا ڪابينا جي ڪنهن ميمبر اڃا تائين ڪورونا بچاءُ ويڪسين ناهي لڳرائي، پارليامينٽ جو پنهنجو وقار آهي، هتي چونڊيل عوامي نمائندا اچن ٿا، غيرچونڊيل ماڻهو اچي سياسي طور تي پارليامينٽ جو استعمال ڪرڻ غلط آهي، مخالف ڌر حڪومت مخالفت ۾ صحافين ۽ ميڊ??ا ورڪرز جي تحفظ جي بل جي مخالفت ڪئي، ان جي مذمت ڪريون ٿا، ميڊيا هائوسز کي اشتهارن جي مد ۾ ڪافي حد تائين ادائيگيون ڪري ڇڏيون آهن، ايندڙ هفتي وڌيڪ 5 ڪروڙ ادا ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ميڊيا مالڪن کي اپيل آهي ته اهي ڪنهن به حالت ۾ صحافين ۽ ميڊ??ا ورڪرز جون پگهارون دير سان ادا نه ڪن، و??ير??عظم کي تجويز ڏني آهي ته صحافين ۽ ميڊ??ا ورڪرز کي به صحت ڪارڊ ڏنو وڃي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس پروگرام ۾ ڳالهائي رهيو هو.