اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپ?? جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپ?? جي موجوده سطح کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪندي واپار ۽ معيشت جي شعبي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ ٻطرفي لاڳاپن کي اداره جاتي سطح تي هموار ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. صدر سعودي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏئي ٿو ۽ ڀائر ملڪ سان معاشي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته سعودي قيادت جو ويزن 2030ع، سرسبز سعودي عرب ۽ سرسبز وچ اوڀر منصوبو لائق تحسين آهي، صدر چيو ته ڪورونا جي دوران پاڪستاني ڪميونٽي جو خيال رکڻ تي سعودي قيادت جو ٿورائتا آهيون، عالمي وبا جي دوران حج جي ڪامياب انتظ??من تي سعودي حڪومت مبارڪباد جي مستحق آهي، صدر ملاقات ۾ ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم مسلمانن تي ڀارتي ظلم ۽ ستم تي روشني وڌي ۽ چيو ته عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارتي انساني حق?? جي خلاف ورزين کي روڪرائي ۽ گڏيل قوم?? جي قراردادن موجب ڪشميرني کي خودمخت??ار?? وارو حق ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سعودي پرڏيهي وزير کي خادمين حرمين شريفين، شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلما?? جي لاءِ نيڪ تنمائن جو پيغام به ڏنو، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سعودي پرڏيهي وزير جي دوري سان ٻطرفي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ان موقعي تي سعودي پرڏيهي وزير چيو ت?? ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ حقيقي طور تي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، سعودي عرب ٻطرفي تعاو?? جي موجوده سطح کي برقرار رکڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته سعودي قيادت پاڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏئي ٿي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهشمند آهي.