اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته شفاف چونڊن لاءِ ٽيڪنالاجي جو ??ستعمال اڻٽر آهي، چونڊن ۾ شفافيت حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان ڳالهه تي ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جو ??تفاق آهي ته چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن جن تي سڀني کي اعتماد ۾ هجي، صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ قدمن جي حوالي سان بامقصد نتيجي تي پهچڻ وڌيڪ اهم آهي، پارلياماني جمهوريت ۾ سدائين ڳالهين جو ??لسلو جاري رهندو آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چي?? ته حڪومت 16 آڪٽوبر 2020ع تي ريفارمز پيڪيج جو ??ل پيش ڪيو پر پارلياماني ڪميٽي ۾ ڪنهن مخالف ڌر پارٽي ڪا دلچسپي نه ورتي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي ڳالهه اچي ٿي ته ان تي به مخالف ڌر پارٽيون مشين کي ڏسڻ کانسواءِ ئي رد ??ري ڇ??ين??يون آهن، ان کانپوءِ سينيٽ ۾ معاملو وڃي ٿو ته بحث ۽ مباحثي جي نظر ڪيو ويو ۽ بل منظور ڪرڻ جو وقت گذري ويو، هاڻي ان معاملي جي حل لاءِ هڪ ٻي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هاڻي اهو معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ کنيو ويندو ته جيئن ڳالهين جي ذريعي سڀني ڌرين جي وچ ۾ اعتماد جي فضا پيدا ٿي سگهي، هن چي?? ته حڪومت هر ڀيري مخالف ڌر کي دعوت ڏني ته هو چونڊ سڌارن جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏي، وزيراعظم عمران خان پارليامينٽ ۾ بيهي چي?? ته مخالف ڌر پارٽيون پنهنجون تجويزون پيش ??ري اسان ان کي ڀليڪار چونداسين، مخالف ڌر پارٽين کي گهرجي ته هو چونڊ نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ شفافيت آڻڻ جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏي، هن چي?? ته بار بار ڌانڌلي جو ??ور ڪرڻ سان صرف وقت ضايع ٿيندو، گذريل چونڊن دوران تقريبن 15 لک ووٽ رد ٿيا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان هڪ ووٽ به رد نه ٿيندو، ان کانسواءِ ووٽ وجهڻ جو پيپر ٽريل به موجود هوندو جنهن کي بعد ۾ چيڪ ??ري سگهجي ٿو، اليڪشن ايڪٽ 2017ع به اي وي ايم جي استعمالو جي اجازت ڏي ٿو، دنيا جي 20 ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جو ??ستعمال ڪيو پيو وڃي.