اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته قومي معاملن ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل ??رادري رهنمائي ڪري، بار ايسوسيئيشنز سياسي پارٽين کي وڏن سڌارن تي ويجهو آڻڻ ۾ ڪر??ار ادا ڪري سگهن ٿيون، چونڊ سڌارن، نيب آرڊيننس سميت ٻي اهم قانونسازي ۾ و??يل ۽ بار ايسوسيئيشن جي ڪر??ار جي آجيان ڪنداسين، نيب آرڊيننس کي چئلينج ڪرڻ بدران سڌارا تجويز ڪن، بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ و??يل پل جو ڪر??ار ادا ڪن ٿا، ان ڪر??ار کي قومي معاملن ۾ به اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر احسن ڀون جي قيادت ۾ نئين چونڊيل ??هديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معاشري ۾ قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل ??رادري کي پنهنجو ڪر??ار ادا ڪندو رهڻ گهرجي، بار ايسوسيئيشنز کي عدليه ۾ التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون. هن چيو ته انصاف کانسواءِ ترقي يافته معاشرو قائم ڪرڻ ممڪن نه آهي، اسان وڪيل ??رادري کي درپيش مسئلا حل ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته وڪيل ??رادري جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ان ڏس ۾ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن کي تازين چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪر??ئي.