اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سياحت جي شعبي جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صحت ڪارڊ جي فراهمي س??ن عوام کي معياري علاج جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه جي وڏي و??ير محمود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقياتي ڪمن خاص طور تي سياحت جي فروغ جي لاءِ جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ملاقات ۾ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پلان، ٻيلن جي تحفظ جي لاءِ قدمن ۽ صوبي ۾ جاري انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ان کانسواءِ صحت ڪارڊ ۽ ان س??ن عوام جي بنيادي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي.