اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ٽيڪس جي ??ظام ۾ بهتري ۽ آساني يقيني بڻائي رهي آهي، ٽيڪس جي رڪارڊ ڪليڪشن عوام جي حڪومت تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معاشي ماهر آرٿر بيٽز لافر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ??رين پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستاني ٽيڪس جي ??ظام جي ??ختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. ان کانسواءِ پوري دنيا ۾ لاڳو ٽيڪس نظام جي ??ثبت ۽ منفي اثرن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ??ئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٽيڪس بيس وڌائڻ، نظام جي بهتري ۽ جد??، عوام تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ نظام ۾ آساني آڻڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي.