اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو آهي ته پبلڪ سيڪٽر ۾ خدمتن جي موثر انداز ۾ فراهمي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. اها ڳالهه هن هواوي ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر (وچ اوڀر خطي) وانگ شن لي سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن وفد سميت پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هواوي ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ سماجي ذميداري تحت جاري قدمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير هواوي ٽيڪنالاجي پاران پاڪستان ۾ سرڪاري آفيسرن لاءِ ٽيڪنيڪي تربيتي ڪورسز جاري ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪورونا وبا جي دوران سماجي بندشن جي ڪري ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو، پبلڪ سيڪٽر ۾ خدمتن جي موثر انداز ۾ فراهمي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. شاهه مح??ود قريشي چيو ته اسان موجوده گهرجن کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان موثر قدم کنيا، شاهه مح??ود قريشي چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪست??ن جا 114 سفارتخانا ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي ڪري ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهن، سفارتخانن ۾ قائم ڊجيٽل سينٽرز جي ڪري ڪا??ذن جي آن لائين تصديق سميت ڪيترين ئي قونصلر خدمتن جي فراهمي جو سلسلو ڪاميابي س??ن جاري آهي. هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل ”پورٽلز“ انهي ڊجيٽلائيزيشن جي فروغ جو نتيجو آهن. هواوي ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر وانگ شن لي حوصلا افزائي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي جو ٿورو ادا ڪي??. و??د ۾ هواوي پاڪست??ن جي سربراهه مارڪ منگ، ڊپٽي سي اي او، ووهان ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ ريليشنز هواوي ٽيڪنالاجيز احمد جهانزيب ملڪ شامل هئا.