اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) گهرو ??زير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته لاهور ۾ بم ڌماڪي، اسلام آباد ۾ پوليس اهلڪارن جي شهات وارن واقعن جي ذميداري ٽي ??ي پي قبول ڪئي آهي، ٽي ??ي پي سان ڳ??لهيون هلي رهيون آهن، اهي حملا خاص مقصد جي لاءِ ڪيا پيا وڃن، پاڪ افغان سرحد تي 2680 ڪلوميٽر تار مڪمل ٿي چڪي آهي، مولانا کي اسلام آباد اچڻ تي خوش آمديد چونداسين، سينيٽ جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي گهرو ??زير چيو ته لاهور ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي اهڙي طرح اسلام آباد ۾ 18 تاريخ تي هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ دهشتگرد ماريا ويا، ٽي ??ي پي ان واقعي جي ذميداري قبول ڪئي، ان کان پهرين به اسلام آباد ۾ پوليس اهلڪا??ن تي حملا ڪيا ويا، ٽي ??ي پي سان ڳ??لهيون هلي رهيون آهن، اهي حملا خاص مقصد جي لاءِ ڪيا پيا وڃن، گهرو ??زير چيو ته پاڪ افغان سرحد تي 2680 ڪلوميٽر خاردار تار مڪمل ٿي چڪي آهي، بلوچستان ايران سرحد تي 200 ڪلوميٽر خاردار تار لڳائڻ باقي آهي، هن چيو ته مولانا کي اسلام آباد اچڻ تي خوش آمديد چونداسين، هن چيو ته لاهور ڌماڪي کانپوءِ اسپتال ايندڙن سان بدتميزي ۾ ڪو پوليس اهلڪار ملوث هوندو ته ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي.