بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??يجنگ ۾ سرمائي اولمپڪس راندين جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي گڏيل رشتن، دوستي ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ حصيداري کي وسيع پئماني تي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ اهم منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ عملي قدم جاري ??کڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران ??ان واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ، خاص طور تي تاريخي ٻطرفي ٽرانزٽ ٽريڊنگ ايگريمينٽ (يو پي ٽي ٽي اي) کي فعال ڪرڻ ۽ ترجيحي واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٽرانس افغان ??يلوي منصوبي جي حوالي سان پاڪستان جي مڪمل حمايت کي پڻ ورجايو ۽ ايندڙ مهينن ۾ ان ??ي وڌيڪ اڳڀرائي جي لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم سياحت کي وڌائڻ، سڌوسنئون اڏامن جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ، بئنڪنگ رابطن کي مضبوط ۽ ويزا جي طريقيڪار کي آسان ??ڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن تعليم ۽ ثقافت ۾ تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بابري ورثي بابت گڏيل فلم ۽ ازبڪ زبان ۾ پاڪستاني ڊرامن جي ڊبنگ سميت گڏيل تحقيق ۽ ميڊيا منصوبن تي اڳڀرائي کي تسليم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ استحڪام جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ افغان ??ورتحال کي وڌيڪ خ??اب ٿيڻ کان ??چائڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران ??فغانستان جي لاءِ اقتصادي ۽ انساني امداد جاري ??کڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. عملي رابطن جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ??لائقائي استحڪام سان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر ۽ رابطن جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي ضروري ??هي. وزيراعظم عمران ??ان چيو ته پاڪستاني عوام ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان جي دوري ??ي سندس استقبال جي منتظر آهي. ٻنهي ڌرين دوري جي ٺوس نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.