اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ هڪ پرڪشش مقام بڻائڻ جي سلسلي ۾ غير ملڪي ڪمپنين لاءِ رجسٽريشن جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان ??ڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سمورا اسٽيڪ هولڊرز ضابطي جي ڪارروائي بابت مسئلن کي حل ڪن ۽ پاڪستان ۾ ڪاروبار جي خواهشمند غير ملڪي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ??ي آءِ سي ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي ۽ اهو ضروري آهي ته ان ??هم شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا ا??زائي ڪئي ويندي جڏهن ته ملڪ ۾ موجود موقعن کي خاص طور تي آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄائي آءِ ٽي سيڙڪارن جي لاءِ موثر طريقي سان ??جاگر ڪيو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان ??در مان وڊيو لنڪ جي ذريعي آءِ ٽي جي شعبي سان لاڳاپيل پاڪستاني ڄاون آمريڪين سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پ??ڪ واري صلاحڪار خالد منصور، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين محمد اظفر احسن، سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري فارينه مظهر، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ??ي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر خالده حبيب ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. آمريڪا ۾ پاڪستان ??ي سفير ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن سميت ڊاڪٽر نويد شيرواني، معظم چوڌري، سليم احمد، ادريس ڪوٺاري، احسن سهيل، وحيد قريشي، عامر خان، احمد ايوب ۽ فيصل سهيل وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ لاڳاپيل سرڪاري ادارن پاران ??جلاس کي ٻڌايو ويو ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي آسان ??ڻائڻ ۾ اڳڀرائي تي اطمينان ??و اظهار ڪيو ويو. ايس اي سي پ?? پاران ??جلاس کي ٻڌايو ويو ته رجسٽريشن جي عمل کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي آسان ??ڻايو ويو آهي ۽ هاڻي ڪمپنيون ايس اي سي پ?? جي اي سروسز پورٽل جي ذريعي آن لائين رجسٽرڊ ٿي سگهنديون، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين ٻڌايو ته اٿارٽي بهترين عالمي طريقن موجب ٽيڪنالاجي ڪلسٽرز تيار ڪرڻ جي عمل ۾ آهي جيڪا ڪمپنين کي پاڪستان ??ي آءِ سي ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي قابل بڻائيندي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته غير ملڪي ڪمپنين 570 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جو عهد ڪيو آهي جنهن سان ملڪ ۾ 15000 نوڪريون پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار ٻڌايو ته جولائي کان ڊسمبر 2021ع جي دوران پاڪستان ??ي آءِ ٽي برآمدات ۾ 36 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ ان ??عبي کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ جون ڪوششون جاري آهن. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ايس اي سي پ??، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ پاران پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ غير ملڪي سيڙپڪارن جي سهولت ۽ حوصلا ا??زائي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. هن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن طريقيڪار بابت مسئلن کي حل ڪري سگهجي جنهن سان ??ءِ سي ٽي جي برآمدات وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۾ مدد ملندي.