اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي ۽ مجموعي ملڪي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس جي ??وا??ي سان اهم معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جو آئيني طريقي سان جواب ڏينداسين، مخالف ڌر کي عدم اعتماد جي رٿ ۾ ڪڏهن به ڪاميابي نه ملندي. هن چي?? ته سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪن ٿا. چوڌري ف??اد حسين چي?? ته اسان وٽ مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جو دفاع ڪر?? جي پوري صلاحيت موجود آهي، پي ڊي ايم جي پنهنجي صفن جي اندر ٻڌيءَ نه آهي.