اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) ازبڪست??ن جي صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان اچڻ تي سندس مان ۾ وزيراعظم هائوس ۾ پروقار تقريب ٿي. وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس اچڻ تي معزز مهم??ن جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ازبڪ صدر جي مان ۾ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو جڏهن ته ازبڪ صدر گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم عمران خان معزز مهمان سان وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو جڏهن ته ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف وزيراعظم سان ساڻس گڏ ايندڙ وفد جو تعارف ڪرايو. ازبڪ صدر وزيراعظم هائوس ۾ هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. اڳ ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي بعد ۾ وفدن جي سطح تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئي اڳواڻ ٻطرفا علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ آڻيندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 10 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ متوقع آهن. ازبڪ صدر جو پاڪست??ن جو ٻن ڏينهن جو دو??و انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان وچ ايشيائي رياستن سان پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. شوڪت مرزايوف جو تازو دو??و ان سلسلي جي ڪڙيءَ آهي. ان کان اڳ ازبڪست??ن جو صدر شوڪت مرزايوف ٻن ڏينهن جي دو??ي تي پاڪستان پهتو ته وزيراعظم عمران خان ايئرپورت تي معزز مهم??ن جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ٻيا اعليٰ ??مل??ار پڻ موجود هئا. ازبڪ صدر کي ٻارن گلدستو پيش ڪيو ۽ ان کي توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. ازبڪست??ن جو صدر پاڪست??ن جي دو??ي دو??ان صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سان ملاقاتون ڪندو. پاڪستان ۽ ازبڪست??ن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا قائم آهن.