اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخالف ڌر ناڪام آهي، اها پهرين به ناڪام ٿي هاڻي به ناڪام ٿيندي، ان جي ايجنڊا رڳو پنهنجي ڦرلٽ ۽ چوري کي بچائڻ آهي، مخالف ڌر وٽ نمبر پورا نه آهن، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري فالودي واري، پاپڙ واري ۽ مقصود چپڙاسي جهڙن ڪردارن کي بچائڻ چاهين ٿا. نجي ٽي وي چئنل سا?? ڳالهائيندي هن چيو ته عوام سا?? انهن جو ڪو به تعلق نه آهي. عوام جي لاءِ انهن جي ڪا به جدوجهد نه آهي، 40 سا??ن کان اهي ملڪ کي ڦريندا رهيا آهن، هاڻي به هو اهڙي طرح جي بليڪ ميلنگ ڪري رهيا آهن، اسان نه اڳ ۾ مخالف ڌر کان بليڪ ميل ٿيا آهيون ۽ نه هاڻي انهن کان بليڪ ميل ٿين??اس??ن لکي وٺو. انهن کي ناڪام ٿيڻو آهي، وزيراعظم عمران خان جي سڄي صورتحال تي گهري نظر آهي ۽ فيصلا به ڪندو، جنهن جو نظريو ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جو پئسو بچائڻ هجي ان مخالف ڌر مان حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي، پي ??ي آءِ جي ميمبرن جا خدشا ختم ڪن??اس??ن. اهي اڳ ۾ به عمران خان سا?? گڏ هئا ۽ هاڻي به گڏ آهن. موقف سا?? اختلاف ٿي سگهي ٿو اسان سڀني جو موقف ٻڌن??اس??ن ۽ خدشن کي ختم ڪن??اس??ن. وقت ايندو ته مخالف ڌر جي حمايت ڪندڙ اميدوارن جو انگ سا??هون اچي ويندو.