اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عمران خان کي دوکو ڏيڻ وارو بي آبرو ٿيندو، ان جي ٽڪي جي عزت نه رهندي، ??اراض ميمبرن جي لاءِ واپسي جا دروازا کليل آهن، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته عمران خان جي نالي تي ۽ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن کٽيو ۽ ان کانپوءِ لوٽا بڻجي و??و، اهڙا ماڻهو اڳ ۾ استعيفيٰ ڏين ۽ پوءِ پنهنجي تڪن ۾ وڃي اليڪشن وڙهن ۽ کٽي اچن، پوءِ جنهن کي چاهين ووٽ ڏين، سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن فارن آفيس ۾ صحافين سا?? غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن کي دوکو ڏيڻ نامناسب آهي، جهڙي طريقي سا?? ماڻهو ويا آهن انهن تي عوام ۾ ڪاوڙ آهي، انهن سا?? جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ائين نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته توبهه جو دروازو سدائين کليل رهي ٿو، اسان اهو نه ٿا چئون ته اهي ماڻهو لازمي عمران خان کي ووٽ ڏين، اسان جو چوڻ آهي ته اهي اڳ ۾ استعيفيٰ ڏين، پوءِ پنهنجي تڪن ۾ وڃي اليڪشن وڙهن ۽ کٽي اچن ۽ پوءِ جنهن کي چاهين ووٽ ڏين پر ائين نه ٿو ٿي سگهي ته اهي ماڻهو عمران خان جي نالي تي ۽ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن کٽين ۽ ان کانپوءِ لوٽا بڻجي و??ن ۽ پئسا وٺي پنهنجو پاڻ کي و??رو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين، اسان جو معاشرو ۽ سياست ان جي اجازت نه ٿو ڏي. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر جي خواهش آهي ته عمران خان بليڪ ميل ٿي ويندو ته ائين هرگز نه ٿيندو، مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، اڳ ۾ به چيو هو ته تلخيون ايتريون پيدا نه ڪريو جو پاڻ ۾ گڏجي ويهڻ ئي مشڪل ٿي و??ي، سنڌ هائوس ۾ ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو، ائين پي ٽي آءِ جي ليڊرشپ ڪڏهن به ناهي چاهيو. هن چيو ته تلخين کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??خالف ڌر لوٽي پن کان باز اچي ۽ آئين کي مٿانهون رکندي ان موجب اڳتي هلي. هن چيو ته جهڙي طرح (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجو 5 سا??ا مدو پورو ڪيو، اهڙي طرح پي ٽي آءِ جي حڪومت کي به پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سازشن سا?? عمران خان کي نه ٿو هٽائي سگهجي، عوام کي حق حاصل آهي ته اها ڪنهن کي ٿي چونڊي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ هائوس ۾ ماڻهن کي بند ڪري رکيو ويو آهي، ??ون اچي رهيا آهن ته اسان کي ٻاهر نڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسان پنهنجو جلسو ڪري رهيا آهيون ۽ مخالف ڌر پنهنجو جلسو ڪري، ڪو ٽڪراءُ نه ٿيندو، پنهنجا پنهنجا ڏينهن ۽ جڳهه مارڪ ڪري وٺو، آئين تحت اهو بنيادي حق آهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو اسپيڪر ئي ٻڌائي سگهي ٿو. هن چيو ته سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن.