اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان مصر جي پرڏيهي وزي?? سامع ??سن شڪري ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب مصر جي پرڏيهي وزير ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. هو اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل آهي.