اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڊجيٽل آدم شم??ري مڪمل نه هجڻ جي ڪري تڪ بندين جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، اليڪشن ڪميشن پ??هن??ي ذميدارين جي ادائيگي لاءِ پُرعزم آهي، ٻيا ادارا ۽ شخصيتون به تنقيد براءِ تنقيد بدران پ??هن??ون آئيني ذميداريون پوريون ڪن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان ميڊيا تي نشر ٿيندڙ ڪجهه اڳوڻن وزيرن، عهديدارن سميت شاهه محمود قريشي، شيرين مزاري، فواد چوڌري ۽ فرخ حبيب جي بيانن تي وضاحت ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن پ??هن??ي سمورين آئيني ۽ قانوني ذميدارين کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ آئين ۽ قانون موجب عام چونڊون ڪرائڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي ۽ سدائين پ??هن??ا سمورا آئيني معاملا انجام ڏيندي پئي اچي. اڳوڻي فاٽا جي خيبرپختونخوا ۾ ضم ٿيڻ ۽ اتي جون سيٽون 12 کان گهٽ ڪري 6 سيٽون ڪرڻ ۽ انهن کي خيبرپختونخوا ۾ شامل ڪرڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جا تڪ 272 کان گهٽجي 266 رهجي ويا آهن ان صورت ۾ نئون تڪ بنديون ڪرڻ لازمي ٿي ويو آهي، جيت??ڻي?? آدمشم??ري 2017ع پروزنل هئي ۽ نوٽيفائيڊ نه هئي تنهن ڪري تڪ بندي شروع نه پئي ٿي سگهي، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن وزيراعظم کي 7 مئي 2020ع تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي صحيح سان ڊي او ليٽر لکيو، وري ان کانپوءِ منسٽري آف پارلياماني افيئرز ۽ منسٽري آف لا سميت سينيٽ سيڪريٽري، قومي اسيمبلي سيڪريٽري ۽ ڳڻپ و??ري اد??ري کي تاريخ وار 7 مئي 2020ع، 30 جون 2020ع، 27 آگسٽ 2020ع، 15 سيپٽمبر 2020ع، (قانون و??ري وزارت) 30 سيپٽمبر 2020ع، (پارلياماني معاملن و??ري وزارت) 30 سيپٽمبر 2020ع، 2 نومبر 2020ع، 3 ڊسمبر 2020ع (ڳڻپ وارو ادارو) 11 ڊسمبر 2020ع ۽ 21 جنوري 2021ع تي ڪيترائي خط لکيا ويا ۽ هر ڀيري يادگيري ڪرائي وئي ته تڪبندي ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميد??ري آهي ۽ جيستائين آدم شم??ري کي نوٽيفائي نه ڪيو وڃي ته تڪ بندي شروع نٿي ٿي سگهي، اليڪشن ڪميشن جي انهن ڪوششن کانپوءِ آدمشم??ري 6 مئي 2021ع تي نوٽيفائي ٿي ۽ ڪميشن تڪ بندي جو شي??ول ج??ري ڪيو ۽ ڪم شروع ڪيو، پر پوءِ حڪومت فيصلو ڪيو ته نئين ڊجيٽل آدمشم??ري ٿيندي تنهن ڪري تڪ بندي جو ڪم روڪيو ويو، ان کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ٻيهر حڪومت کي خط لکيا تاريخ وار 30 سيپٽمبر 2021ع ۽ 21 جنوري 2022ع تي لکيا ته نئين آدمشم??ري جلد کان جلد مڪمل ڪئي وڃي ته جيئن تڪ بندي جو ڪم شروع ڪري سگهجي پر ڊجيٽل آدمشم??ري اڃان تائين مڪمل نه ٿي جنهن جي ڪري اليڪشن ڪميشن نئين تڪ بندين جو ڪم مڪمل نه ڪري سگهي. تنهن هوندي به اليڪشن ڪميشن پ??هن??ون آئيني ۽ قانوني ذميداريون ادا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، پر ٻين ادارن ۽ شخصيتن کي به پ??هن??ون آئيني ۽ قانوني ذميداريون وقت سر ادا ڪرڻ گهرجن ۽ هروڀرو جي تنقيد کان پاسو ڪيو وڃي.